اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف يوم تڪريم شهدا جي سلسلي ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري. هن گوجر خان ۾ ڪيپٽن راجا محم?? سرور شهيد (نشان ح??در) جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته شهيد جو جيڪو موت آهي اها قوم جي حيات آهي. هن چيو ته 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن کي تاريخ ۾ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو، اڄ اسان جي آزاد ماحول ۾ زندگي گذارڻ جي پويان لک??ن شهيدن جون ق??با??يون شامل آهن، پوري قوم پنهنجي شهيدن کي خ??اج عقيدت پيش ڪري ٿي. اسپيڪر چيو ته 9 مئي جي واقعن جي پويان ناپاڪ مقصد هئا، انهن واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته قوم جي بهادر سپوتن جي عظيم ق??با??ين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي، اسان جي سرزم??ن شهيدن ۽ غازين جي سرزمين آهي.