ڪراچي – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي صحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائين ۽ عوام تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن، قومي معيشت ۾ انشورنس سيڪٽر جو حصو خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي، تيزي سان واڌويجهه حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوامي سطح تي بهتر تشخص اجا??ر ڪرڻ ۽ آگاهي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ وفا??ي انشورنس محتسب سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ ”انشورنس سيڪٽر جي ترقي ۾ محتسب جو ڪردار“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت پنهنجي سوشل سيفٽي نيٽ، سرڪاري شعبي ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي، قدرتي آفتن ۽ حادثن جي صورت ۾ معاوضي جي شڪل ۾ سماجي تحفظ ۽ امداد فراهم ڪري رهي آهي پر ملڪ جي پوري آبادي کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ??رو??ت آهي. هن چيو ته صحت جا خرچ خاص طور تي گهٽ آمدني واري طبقي جي ماڻهن جي لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي ۽ ملڪ ۾ هيلٿ انشورنس جي خدمتن جا وسيع امڪان موجود آهن ڇو ته اهي خدمتون نه رڳو موجوده خال کي ڀري سگهن ٿيون پر ??رو??ت جي وقت تمام گه??ي اهميت به اختيار ڪري سگهن ٿيون. زرعي شعبي جي لاءِ بيمي خدمتن جي ??رو??ت تي زور ڏيندي صدر چيو ته زراعت معيشت جو هڪ ٻيو اهم شعبو آهي جنهن ۾ انشورنس جون خدمتون ۽ مصنوعات محدود آهن جڏهن ته ان حوالي سان اڳڀرائي پڻ سست رفتاري جو شڪار آهي. تيزي سان ترقي ڪندڙ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز کي استعمال ڪندي عوام جي انشورنس تائين پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو جڏهن ته عوام جي شڪايتن ۽ فيڊ بيڪ جي لاءِ دروازا کليل رکڻ گهرجن. هن چيو ته انشورنس ڪمپنين کي عوام ۾ پنهنجو بهتر تشخص اجا??ر ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ۽ وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??رو??ت آهي. صدر انشورنس ڪمپنين جي خلاف عوامي شڪايتن جي وقت سر حل ۾ وفا??ي انشورنس محتسب جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته قانوني چاره جوئي بدران ثالثي جي ذريعي تڪرارن جي حل جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن. ان کان اڳ وفا??ي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ايف آئي او سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين تي روشني وجهندي ٻڌايو ته شڪايت ڪندڙن کي فراهم ڪيل مالياتي ريليف جو ڪاٿو 2019ع ۾ 410 ملين رپيا هو جيڪو 2022ع ۾ 2.54 ارب رپيا ٿي ويو. هن چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ عدالتي ڪارروائي بدران ثالثي جو طريقو اختيار ڪرڻ جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.