اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زر??ي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي، ننڍن آبادگارن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ معاشي ٽيم ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ معاشي ٽيم وزيراعظم کي مالي سال 23 – 2022ع بابت اقتصادي سروي پيش ??ئي. وزيراعظم معاشي ٽيم جي گذريل هڪ سال جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته گذريل حڪومت جي ننڍي معاشي چئلينجز ۽ تا??يخي ٻوڏ جي باوجود معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت جي لاءِ خدمت??ن ??اراهه جوڳي??ن ??هن. وزيراعظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زر??ي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي. ننڍن آبادگارن کي اعليٰ معيار جو ٻج ۽ خودڪار زرعي مشينري سان ليس ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ننڍن آبادگارن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪندڙ آبادگارن کي حڪومت انعام پڻ ڏيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا ۽ ناڻي واري وزارت ج?? اهلڪارن شرڪت ??ئي.