پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۽ انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن نئين عالمي مالياتي معاهدي جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ڪو?? – 27 جي ??رم الشيخ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته ??رم الشيخ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جي عزم سان عالمي سطح تي هڪ اهم اڳڀرائي جو بنياد رکيو آهي، ??رم الشيخ ۾ جنهن سياسي عزم جو اظهار ڪيو ويو، اهو ترتيبوار ??ڳتي وڌي رهيو آهي. ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي و?? ۾ ??ختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي معاملن تي گڏيل رابطو برقرار ??کڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.