اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 4 جولاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون ت??ظي?? (ايس سي او) ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي تر??مان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ايس سي او جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڀارت جي وزيراعظم ايس سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڏني آهي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون ت??ظي?? جو اعليٰ ترين فورم آهي، ان ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور فڪر ڪندا ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو خاڪو ٺاهيندا. بيان موجب هن سال ايس سي او سربراهه اجلاس ت??ظي?? جي نئين ميمبر طور ايران جي آجيان ڪندو. بيان موجب سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿي ته پاڪستان شنگهائي تعاون ت??ظي?? کي علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي هڪ اهم فورم طور اهميت ڏي ٿو ۽ خطي سان رابطن کي وڌائي ٿو.