اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حق?? واري ڪائونسل پاران پاڪس??ان ۾ انساني حق?? جي صورتحال جي بهتري جو اعتراف موجوده حڪومت جي صحيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو 15 مهينن دوران پاڪس??ان اندروني ۽ ٻاهرئين سطح تي هڪ کانپوءِ هڪ ڪاميابين جا سنگ ميل عبور ڪيا، ملڪ کي ڊيفالٽ ??ان بچ??يو?? آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو بحال ڪيو، فيٽف جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، عالمي فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪس??ان جي 7 درجا بهتري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي ريٽنگ جي اداري فچ (FITCH) پاڪس??ان جي ريٽنگ وڌائي CCC ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي گڏيل قومن جي انساني حق?? واري ڪائونسل اعتراف ڪيو آهي ته پاڪس??ان ۾ انساني حق?? جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ان ڏس ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ڪائونسل جو اهو چوڻ ته پاڪس??ان انساني حق?? جي بهتري لاءِ پختي سياسي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو موجوده حڪومت جي صحيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي. چار سال جي تباهي، بدنامي، رسوائي ۽ گندگي جي صفائي جاري آهي، سموريون ڪوڙيون، سازشي عالمي پروپئگنڊاز زمين بوس ۽ سدائين جي لاءِ دفن ٿي ويون آهن.