اسلام آ??اد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن صدر کي پنهنجي دور ۾ رڪارڊ بئنڪنگ ڪيسز اڪلائڻ، بئنڪ صارفين کي مالي انصاف جي فراهمي جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران بئنڪنگ محتسب ٻڌايو ته بطور بئنڪنگ محتسب، سال اپريل 2019ع کان جولاءِ 2023ع تائي?? جي 4 سالا دور ۾ 3 ارب رپين جو ريليف فرا??م ڪيو، منهنجي دور کان اڳ سال 2005ع کان 2018ع تائي?? جي 13 سالن ?? عوامک ي 2.3 ارب جو ريليف ڏنو ويو، پنهنجي دور ۾ 106486 ڪيسز اڪلائي بئنڪنگ صارفين کي اربين رپين جو مالي انصاف فرا??م ڪيو. صدر بئنڪنگ محتسب پاران گهٽ مدي ?? عوام کي 3 ارب رپين کان وڌيڪ جو ريليف فرا??م ڪرڻ تي سندس ڪوششن کي ساراهيو.