اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي نگراني جي لاءِ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر تي ٻڌل پ??ري?? سينٽرل مانيٽرنگ سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت سان هلندڙ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر (ACTUS DIGITAL (Logger Content Digital) تي ٻڌل نئين ۽ پ??ري?? سينٽرل مانيٽرنگ سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح ڪندي خوشي ٿي. اطلاعات واري ??زارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (DEMP) ۾ موجود اها سي ايم ايس مشين لرننگ، زبان جي سڃاڻپ ۽ ڊيٽا ريسرچ جي صلاحيت رکندڙ آهي. اهو ميڊيا جي فوري ۽ درست نگراني ۽ معلومات گڏ ڪري سگهي ٿو جيڪو تيزترين ۽ باخبر حڪومتي فيصلاسازي جي لاءِ مددگار هوندو. سينٽرل مانيٽرنگ سسٽم انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي شاگردن جي لاءِ پڻ دستياب هوندو. ان نظام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي اطلاعات واري ??زارت جي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي.