ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ به آئين جي پاسداري آهي، ??فرت ۽ ورڇ جي سياست جو خاتمو ۽ اقليتن سميت سمورن پٺتي پيل طبقن کي سماجي انصاف رڳو پيپلزپارٽي ڏياري سگهي ٿي، ??اڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ جي تاريخي تقرير ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته نئين رياست ۾ سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ۽ مذهبي آزادي حاصل هوندي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري اقليتن جي قومي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پيپلزپارٽي اقليتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ جي حوالي سان سدائين عادلاڻو قابل عمل موقف اختيار ڪيو، 1973ع جو آئين پيپلزپارٽي جي موقف جو هڪ واضح مثال آهي، جيڪو سمور?? اقليتن کي هڪ جهڙن حقن جي ضمانت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بين??ير ڀٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور جي دورا?? اقليتن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا. بين??ير ڀٽو اقليتن جي لاءِ جيڪي انقلابي قدم کنيا انهن ۾ اقليتي معاملن واري وزارت قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 11 آگسٽ تي اقليتن جي قومي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪرڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي ٽڪيٽ ڏياري ۽ سينيٽ ۾ به پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي ڀرپو?? نمائندگي ڏني ۽ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪابينا ۾ به اقليتي برادري کي سڀ کان وڌيڪ نمائندگي ڏني. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غيرمسلمان شهرين جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ حوالي سان به پيپلزپارٽي جيڪا قانونسازي ۽ عملي قدم کنيا آهن، ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي. آئون ملڪ جي سمور?? اقليتن کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي حفاظت ۽ وسيع قومي اتفاق ۽ اتحاد جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.