اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ سان سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن ۽ نگران حڪومت کي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب ملاقات ۾ وزيراعظم سنڌ جي نگران وڏي وزير کي انتظاميا معاملن کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاو?? جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ نگران وڏي وزير آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سا?? مڪمل تعاون ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.