اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين پ??ڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو سڀ کان وڏو منصوبو ايم ا??ل ون (ريلوي) جو تعميراتي ڪم ايندڙ مالي سال کان ش??وع ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن موجب نظرثاني ٿيل پلان موجب ايم ا??ل ون تي 6.7 ارب ڊالر جي مجموعي لاڳت ايندي جنهن تي پاڪستان ۽ چين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته ان منصوبي تي شروعاتي لاڳت 9 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هئي پر هاڻي اهو منصوبو 6.7 ارب ڊالر جي لاڳت سان ش??وع ٿيندو جنهن تي ٻنهي ڌرين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ ??ن حوالي سان هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ٿيندڙ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هڪ اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو هو. ذريعن موجب ايم ا??ل ون فيز ون جي لاڳت 2.7 ارب ڊالر، فيز ٽو جي لاڳت 2.6 ارب ڊالر ۽ فيز ٿري جي لاڳت 1.4 ارب ڊالر هوندي. پهرين مرحلي ۾ ايم ا??ل ون تحت نوابشاهه کان روهڙي، ملتان کان لاهور ريلوي ٽريڪ ٺهندو، ٻئي مرحلي ۾ لاهور کان لالا موسيٰ، ڪيماڙي ک??ن حيدرآباد ريلوي ٽريڪ جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ حيدرآباد کان ملتان، لالا موسيٰ کان راولپنڊي ريلوي ٽريڪ ٺاهيا ويندا. وڌيڪ اهو ته ايم ا??ل ون تحت راولپنڊي کان پ??اور ۽ حويليان تائين ٻه ڊرائي پورٽس پڻ ٺاهيون وينديون جڏهن ته ايم ا??ل ون ج?? مڪمل ٿيڻ سان 134 ٽرينون 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هلنديون. واضح رهي ته ورلڊ بئنڪ پاڪست??ن حڪومت پاران کنيل قدمن مان مطمئن آهي ۽ تازو ئي ورلڊ بئنڪ جي اعليٰ عهديدارن پ??ڪستان جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو ۽ وڌيڪ امداد جاري رکڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي.