اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جده ۾ آهي ته جيئن غزه جي بحران ۽ ات??ن جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صو??تح??ل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس پاڪستا?? ۽ ??عودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان مشاورت ۾ مصروف آهي. بيان موجب ان غيرمعمولي سيشن تي هن مصر، ايران، ترڪيه ?? گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. نگران پرڏيهي وزير انهن سان مشاورت دوران غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۽ گهيراءُ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده صو??تح??ل تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جده ۾ ملاقات سان گڏ مشاورت جاري رکندو. بيان موجب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اڄ اربع ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جي حوالي سان نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي پاران جنگبندي ۽ لنگهن جي ذريعي انساني امداد جي فراهمي جي گڏيل مطالبي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيح تي زور ڏنو آهي ته جيئن خوراڪ، دوائون، پاڻي ۽ ٻيو ضروري سامان غزه جي ماڻهن تائين بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان کانپوءِ جي ڪوششن جو رخ عالمي قانون ?? گڏيل قوم?? ۽ ??و آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار ح?? طرف هجڻ گهرجي. بيان موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.