اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ جي نگران وڏي وز??ر جسٽس (ر) مقبول باقر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? ملاقات ۾ صوبي جي مختلف انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي نگران وڏي وزير نگران وزيراعظم کي صوبي ۾ نگران حڪومت پاران عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل مخت??ف قدمن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ ۾ اسمگلنگ ۽ بجلي چوري کي روڪڻ جي حوالي سان ق??من تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. نگران وزيراعظم سنڌ جي نگران وڏي وز??ر جي قيادت ۾ صوبي جي انتظامي معاملن جي حوالي سان مثبت اڳڀرائي تي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو.