اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بنا شڪ جي اقبا?? جي شاعري ۽ فلسفي ۾ اولين مخاطب مسلمان هئا پر سندس فڪر آفاقي ۽ همه گير آ??ي ۽ سندس پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ آ??ي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ”فڪر اقبال ايڪهين صدي جي روشني ۾ عالم اسلام جي ٻن عظيم شاعرن اقبال ۽ محمد عاڪف“ جي موضوع تي ٻ?? ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تعليم واري وفاقي نگران وزير چيو ته فڪر اقبال ۾ ا?? جي مسئلن جو حل موجود آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ اقبا?? جي سياسي فڪر کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبا?? جي نالي سان منسوب هن يونيورسٽي ۾ فڪر اقب??ل تي ٻ?? ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ نه رڳو سڄي پاڪستان مان دانشور ۽ اقبال شناس شرڪت ڪري رهيا آهن پر مصر، ايران ۽ ترڪيه جا صاحب دانش به هتي موجود آهن، اقب??ل تي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪو?? ڏيان ٿو. ڪانفرنس جو بندوب??ت اقباليات واري شعبي يونس ايمري انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ڪيو آهي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي يونيورسٽي انهن يونيورسٽين مان آهي جنهن ۾ اقبا?? جي فڪر ۽ شاعري کي سمجهڻ، اقبا?? جي تعليم کي واڌ ويجهه لاءِ اقباليات شعبو ٺهيل آهي. هن چيو ته اسان هن شعبي جي ذريعي علامه اقبال جو پيغام نوجوانن تائين پهچائيندا آهيون. هن چيو ته نئين نس?? جي تربيت لاءِ فڪر اقبال سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اقبا?? جي تعليم ۾ نوجوان نس?? جي تربيت جي فڪر کي ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.