اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ”دي اڪانومسٽ“ آڏو عمران ??ان ??ي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو. دي اڪانومسٽ ۾ مبينا طور تي عمران ??ان ??ي حوالي سان ??ايع ٿيندڙ مضمون جي حوالي سان ??ماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير چيو ته ”دي اڪانومسٽ“ جي ايڊيٽر کي مبينا طور تي عمران ??ان پاران لکيل آرٽيڪل بابت لکيو ويندو. هن چيو ته اها ڳالهه حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته ميڊيا جي هڪ معزز اداري هڪ اهڙي ماڻهو جي نالي سان مضمون ش??يع ڪيو جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اخل??قي معيارن کي برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير چيو ته اسان ڄاڻڻ چاهينداسين ته ”دي اڪانومسٽ“ پاران مضمون ڇپجڻ جي حوالي سان ??داراتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو؟ مواد جي قانوني حيثيت ۽ اعتبار جي حوالي سان ڪهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو؟ هن چيو ته ڇا ”دي اڪانومسٽ“ دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي مان ??يل ۾ بند سياستدانن جا گهوسٽ آرٽيڪل شايع ڪيا آهن؟ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير چيو ته جيڪڏهن جيل ۾ بند ڏوهاري ميڊيا کي لکڻ جي لاءِ آزاد هجن ته اهي پنهنجي هڪطرفي شڪايتن کي نشر ڪرڻ جي لاءِ سدائين ان موقعي جو استعمال ڪن ها.