اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون منعق?? ڪرڻ جي حوالي سان سموريُون اڳڪٿيُون ۽ افواهه دم ٽوڙي چڪا آهن، 8 فيبروري 2024ع جي صبح 8 وڳي پولنگ اسٽيشنز کلنديون ۽ پاڪستان جو عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندو. مقامي هوٽل ۾ پاڪستان ان??ٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي اهتمام هيٺ سڌاراجاتي منشور جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 17 آگسٽ 2023ع تي نگران ڪابينا جي حلف کڻڻ کانپوءِ مسلسل اهو ئي چئي رهيا آهيون ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون ۽ اليڪشن ڪميشن کي معاونت فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، چونڊون وقت سر منعق?? ڪرڻ جي حوالي سان ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته چونڊون منعق?? ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا جي ذميواري اڳ کان وڌيڪ وڌي وڃي ٿي، ميڊيا کي ان ڏس ۾ ذميواراڻي رپورٽن?? ڪرڻي پوندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي معيشت، پرڏيهي پاليسي، ٽيڪس سڌارن، صحت، تعليم ۽ آب??دي ۾ اضافي جهڙا مسئلا ۽ چئلينجز درپيش آهن، زراعت ملڪ جي جي ڊي پي جو هڪ چوٿون حصو آهي پر ان شعبي کان ٽيڪس جي وصولي تمام گهٽ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 140 ۽ 140 اي تحت مقامي حڪومتون مالي، سياسي ۽ ان??ظامي طور تي خودمختياري هونديون، 18 هين ترميم تحت صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا پر اهي اختيار هيٺئين سطح تي منتقل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جو اصل ڪم قانونسازي ۽ ملڪ جي مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ آهي، دعوائن ۽ واعدن جي تڪميل سياسي پارٽين جو ڪم آهي. هن چيو ته سياسي پارٽين جي ان??ر جمهوري روين جي ضرورت آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ عدالتي فيصلي سان هڪ مثال قائم ٿيو آهي ته پارٽين جي ان??ر چونڊون ۽ جمهوري رويو هجڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي ان??ر جمهوريت نه هجي ته اها ڪهڙي طرح ملڪ ۾ جمهوريت جي دعويدار ٿي سگهي ٿي؟ نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي بني??دي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ۽ عوام جي شعور ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي.