اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) ملڪ ۾ (اڄ) ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ملڪ جا چار اڳواڻا وزيراعظم، هڪ اڳو??و صدر سميت اهم شخصيتون ۽ پارٽي اڳواڻ حصو وٺي رهيا آهن. مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف ۽ صدر شهباز شريف لاهور، پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور، لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ، جي يو آءِ (ف) جي سر??را??ه مولانا فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان ۽ پشين تان ا??يد??ار آهن. تفصيل موجب جماعت اسلامي جي امير سراج الحق قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 6 لوئر دير-1، (ن) ليگ جي اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف اين اي 15 مانسهره ۽ اين اي 130 لاهور، شهباز شريف قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 123 لاهور ۽ اين اي 132 قصور، اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اين اي 148 ملتان، اڳو??و صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 207 شهيد بينظير آباد، اڳوڻو وزيراعظم ۽ـ قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 52 گوجر خان، استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان اين اي 117 لاهور، جڏهن ته جهانگير خان ترين اين اي 149 ملتان ۽ـ اين اي 154 لوڌران، مسلم ليگ (ف) جي سر??را??ه پير صدر الدين شاهه راشدي قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 203 خيرپور، عوامي مسلم ليگ جو سر??را??ه شيخ رشيد اين اي 56، پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز جي سر??را??ه پرويز خٽڪ اين اي 33 نوشهره، قومي وطن پارٽي جي سر??را??ه آفتاب احمد خان شير پائو اين اي 24 چارسده، اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر اين اي 19 ص??ابي، مسلم ليگ (ض) جو سر??را??ه اعجاز الحق اين اي 163 بهاولنگر، جمهوري وطن پارٽي جي سر??را??ه شاهه زين بگٽي اين اي 253 ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر ايمل ولي خان اين اي 25 چارسده-2، جڏهن ته ٻين ا??يد??ارن ۾ گوهر علي خان اين اي 10 بونير، ڪي پي ڪي جو اڳوڻو گورنر سردار مهتاب احمد خان اين اي 16 ايبٽ آباد، مسلم ليگ (ن) ڪي پي ڪي جو صدر امير مقام اين اي 2 سوات ۽ اين اي 11 شانگله، اڳوڻو گهرو وزير چوڌري نثار علي خان اين اي 53 ۽ اين اي 54 راولپنڊي، مسلم ليگ (ق) جو اڳواڻ چوڌري سالڪ حسين اين اي 64 گجرات، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڪنوينر خالد مقبول صديقي اين اي 248 وچ ڪراچي، بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جو سر??را??ه اختر جان مينگل تڪ اين 256 خضدار، 261 سهراب ۽ اين اي 264 ڪوئيٽه، پشونخواه ملي عوامي جو سر??را??ه محمود خان اچڪزئي اين اي 263 ڪوئيٽه ۽ـ اين اي 266 چمن، جماعت اسلامي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل لياقت بلوچ اين اي 128 لاهور، اڳوڻو بچاءَ وارو وزير خواجه محمد آصف اين اي 71 سيالڪوٽ، (ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم اورنگزيب اين اي 119 لاهور، جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان اين اي 246 ۽ اين اي 250 ڪراچي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو اڳوڻ سعد رضوي اين اي 50 اٽڪ مان ا??يد??ار آهن.