اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ق??نو??سازي جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم ق??نو??سازي بابت معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ” ق??نو??سازي جي معاملن جي سُڃاڻپ بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ا??ل سي) آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ نئين ق??نو??ن، قاعدن ۽ موجوده ق??نو??ن، قاعدن جو جائزو وٺڻ ۽ اها سفارش ڪرڻ ته ڇا اهي حڪومتي پاليسي موجب آهن، اهو جانچڻ ته موجوده ق??نو??ن ۾ ترميم آئيني اسڪيم موجب آهي، ڪنهن موجوده ق??نو?? جي خلاف ورزي نه ٿو ڪري ۽ پارليامينٽ جي اختيار ۾ اچي ٿو. تجوويز ڪندڙ، ڊويزن سان پاليسي جي معاملي تي اختلاف جي صورت ۾ ٻنهي جو موقف ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو ته جيئن اها فيصلو ڪري سگهي. ڪميٽي جو سر??را??ه ق??نو?? ۽ انصاف وارو وفاقي وزير هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير، اوورسيز پاڪستانيز وارو وفاقي وزير، واپار وارو وفاقي وزير، نا??ي وارو وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير، خصوصي دعوت تي ا??ارني جنرل، وفاقي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن، سيڪريٽري ق??نو?? ۽ انصاف ڊويزن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري وزيراعظم آفيس ڪميٽي جا ميمبر هوندا. چيئرمين ڪميٽي ڪنهن به اجلاس جي لاءِ ڪنهن به وفاقي وزير کي شامل ڪري سگهي ٿو.