اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي سينيٽ ۾ قائد ايوان مقرر ڪيو ويو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري نوٽيفڪ??شن موجب وزيراعظم سينيٽ ۾ حڪومت جي نمائندگي ڪرڻ ۽ سرڪاري معاملن کي منظم انداز ?? اڪلائڻ جي لاءِ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي قائد ايوان مقرر ڪيو آهي. اهو نوٽيفڪ??شن 9 اپريل کان لاڳو آهي.