ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو وڏو و??ير سيد مراد علي شاهه ۽ وفا??ي و??ير پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم مزار تي گلن چادر چاڙهي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر لکيا. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو ڪ??اچي جو هي پهريون دورو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوانن سان مزار قائد تي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪرڻ جو حلف ورتو. نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وچن ڪيو ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان ٺاهينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار رهيو. نوجوانن تحريڪ پاڪستان ۾ هر اول دستي جو ڪ??دار ادا ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ته سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي و??ير سيد مراد علي شاهه سندس استقبال ڪيو.