اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ ال??ه تارڙ ايسوسيئيشن ??ف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊ??ئريڪٽرز (AEMEND) جي چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊ??ئريڪٽرز جو شعبو براڊ ڪاسٽ جرنلزم جو اهم ۽ حساس شعبو آهي جنهن جي اهميت تمام واضح آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار فيڪ نيوز جي خ??تمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير نئين چونڊيل صدر اظهر عباس، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر محمد عثمان، سيڪريٽري جنرل طارق محمود، جوائنٽ سيڪريٽري ميان طاهر، جوائنٽ سيڪريٽري ريحان خان ۽ فنانس سيڪريٽري شهاب محمود کي نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.