اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزي?? سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد ع??لم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آف??س پاران جاري بيان موجب هن نائب وزيراعظم ک?? پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن بابت ٻڌايو ۽ هن سال باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ 29 جي لاءِ پرڏيهي وزارت کان تعاون طلب ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪوپ 29 جي عمل دوران موسمياتي تبديلي جي وزارت جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو.