اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا ??ي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ عالم سڳورن جو آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه هن ناليواري مذهبي اسڪالر مف??ي محمد نعيم سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. مف??ي محمد نعيم مسجدن ۾ نماز ۽ تراويح نماز ادا ڪرڻ بابت صدر جي قيادت ۾ 20 نقاطي في??لي تي مبارڪباد ڏني.