اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي و??ير مراد سعيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) 2013ع ۾ اقتدار ۾ ايندي ئي پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي، او جي ڊي سي ايل، بجلي و???? ڪندڙ ڪمپنين سميت ٻين 41 ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ وڌو، پي آءِ اي جو خسارو 500 ارب تائين پهچي ويو، اسان قومي ادارن ۾ سڌارن ذريعي خساري کي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مخالف ڌر جيڪڏهن انهن ک?? ڪورونا سان ڳنڍيو ته ان ت?? سخت احتجاج ڪنداسين، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تباهه حال معيشت ورثي ۾ ملي پر ان جي باوجود اسان ڪورونا جهڙي و??ا سان جنگ وڙهي رهيا آهيون. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران اٿاريل نقطن تي ڳالها??ين??ي مواصلات واري وفاقي و??ير مراد سعيد چيو ته نجڪاري ۽ ادارن جي خساري و??ري معاملي تي انگ اکر موجود آهن، 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قائم ٿي، هن سڀ کان اڳ 41 ادارا نجڪاري جي فهرست ۾و ڌا، انهن ۾ پي آءِ اي جي نيويارڪ ۽ پيرس ۾ هوٽل، پي ايم ڊي سي، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي ۽ بجلي و???? ڪندڙ ڪمپنيون شامل آهن.