اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، برطانوي ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي سان برطانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر معظم خان ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب هتي ٿيندڙ ملاقات جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ برطانوي ڪمپنين کي پاڪستان جي سيڙپڪاري دوست ماحول ط??ف متوجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن برطانوي سيڙپڪار دستياب موقعن مان فائدو کڻي سگهن.