اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيار جي حوالي سان خدشا مصنوعات جي روانگي واپار جي فروغ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، معيار جي جاچ پڙتال جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي ??لڪ ۾ صنعتي ??صنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو ??زي?? چوڌري فواد حسين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا، ??زي??اعظم ميڊيا آفيس موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو ??زي?? چوڌري فواد حسين ملڪ ۾ صن??تي ۽ ٻي مصنوعات جي معيار جي حوالي سان موجوده نظام، پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت معياري ٽيسٽنگ ليبارٽريز جي قيام ۽ صنعتي ??صنوعات جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو.