اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشمير ڪاز تي سموريون سيا??ي پارٽيون متحد آهن، ڀارت پاڪستاني سيا??ي پارٽين کي ورهائڻ چاهي ٿو، ڪرپشن جي خلاف جلسا ڪرڻ ۽ ووٽ کي عزت ڏيڻ تي جلسا ڪندڙ ڪشمير مسئلي تي فوڪس ڪن، ڀارت کان شمله معاهدي بعد ڳالهين جا ڪيترائي دور ڏسي ورتا، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن سان حل ڪرائڻو پوندو. اسلام آباد کان راولپنڊي پريس ڪلب تائين ڪڍيل ڪشمير ريلي کانپوءِ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي مشعال ملڪ چيو ته ڪشمير ڪاز تي سموريون سيا??ي پارٽيون متحد آهن، ڀارت ۾ هندو توا ۽ آر ايس ايس جو راڄ آهي، ڪشميري اڳواڻ ٻيڙيون ساڙي چڪ?? آهن هاڻي ??زا??ي کانسواءِ ڪجهه نه، سمورا ڪشميري گرفتار اڳواڻن کي ??زا?? ڪيو وڃي، ياسين ملڪ تهاڙ جيل جي ڊيٿ سيل ۾ آهي، علي گيلاني جي حالت گهڻي خراب آهي، ڪشميري حريت پسند اڳواڻن ۽ قائداعظم جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيند?? آهن، ڪشميري 8 لک فوج جي گهيراءُ ۾ آهن.