اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري، پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي ميمبرن جي مقرري، ماهيگيري جي شعبي ۾ روانگي واپار جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ انسپيڪشن ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان ايڪسپو سينٽرز پرائيويٽ لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مڇ بلوچستان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ مزدورن، اسلام آباد ۾ پوليس جي فائرنگ سبب مارجي ويل اسامه ستي ۽ فوج جي شهيدن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي وئي، وزيراعظم جي صحت واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪابينا کي ڪو????نا وبا جي تازي صورتحال تي بريفنگ ڏني، ڪ??بينا پاڪستان ايڪسپو سينٽرز پرائيويٽ لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏني، ڪ??بينا ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013ع جي شق نمبر 21 تحت اپيلن تي فيصلو ڏيڻ لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، اها ڪميٽي ان وقت تائين مجاز هوندي جيستائين لاڳاپيل قانون ۾ ترميم مڪمل ڪئي وڃي، ڪ??بينا پريس ڪائونسل آف پاڪستان جا ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪ??بينا ملڪ ۾ ماهيگيري جي شعبي ۾ روانگي واپار جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ انسپيڪشن ڪميٽي قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني، اها ڪميٽي ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ فش پراسيسنگ ??لانٽ جي انسپيڪشن جا فرض سرانجام ڏيندي.