اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رو??ا وائرس ??بب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رو??ا وائرس ??بب 62 فوتگيون ٿيون جنهن مان 40 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪ??رو??ا جا هڪ هزار 72 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 62 ماڻهو ان وائرس ??بب فوت ٿيا جن مان 54 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 8 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو، پشاور 24 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪ??رو??ا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 21 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 31 هزار 713 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 599، پنجاب ۾ 11 هزار 273، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 10، اسلام آباد ۾ 4 هزار 428، بلوچستان ۾ 611، گلگت بلتستان ۾ 361، آزاد ڪشمير ۾ 431 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحت??اب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 14 هزار 951 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 256 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 30 هزار 512 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪ??رو??ا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 57 هزار 591 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 291، بلوچستان ۾ 18 هزار 891، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 920، اسلام آباد ۾ 42 هزار 188، خيبرپختونخواهه ۾ 68 هزار 786، پنجاب ۾ 1 لک 61 هزار 757 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 51 هزار 758 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 ??بب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 128 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 157 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 مريض اسپتالن ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس ??بب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 948 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 4 مريض گهرن ۾ ان وائرس ??بب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 970 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس ??بب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 481 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس ??بب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ 197 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس ??بب فوت ٿيو. گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس ??بب 273 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 82 لک 88 هزار 91 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 168 مريض علاج هيٺ آهن.