اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سفير کي ڪڍڻ ۽ فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ سان فرانس جو ڪجهه نه بگڙجندو، يورپي ۽ اولهه ملڪ ناموس رسالت صه جي معاملي کي اظهار جي آزادي جو مسئلو سمجهن ٿا، فرانس کانپوءِ اسان ٻئي ڪهڙي ملڪ جي سفير کي واپس موڪلينداسين، 50 اسلامي ملڪن مان ڪٿي به اهڙي قسم جا مظاهرا نه ٿيا نه ??نهن سفير کي واپس موڪليو، مسلمان دنيا کي گڏجي اولهه کي سمجهائڻو پوندو ته اهو اظهار جي آزادي جو مسئلو نه آهي، آئون ان جي ذميوار?? کڻان ٿو ۽ ان مهم جي قيادت ڪندس، گذريل هفتي جي صورتحال سان ملڪ جو تمام گهڻو نق??ان ٿيو، ٻاهر جا دشمن به ان صورتحال ۾ شامل ٿي ويا، 4 لک ٽوئيٽس مان 70 سيڪڙو جعلي اڪائونٽس تان ڪيا ويا، ڀارت جعلي ويب سائيٽن ذريعي پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به حڪومت کي نق??ان پهچائڻ لاءِ گڏجي ويا. پاڪستان ٽيليويزن تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هفتي دوران افسوسناڪ حالتون پيش آيون.