اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پا??ستا?? ۾ ??رطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي. برطانوي هاءِ ڪمشنر وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته هلندڙ سال جي ٻي ڇهه ماهي ۾ برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي پا??ستان جي دوري جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون، ان دوران برطانوي ميوزيڪل بينڊ به پا??ستان جو دورو ڪندو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۽ ميوزيڪل بينڊ جي پا??ستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته راندين سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي لاءِ اها هڪ سٺي خبر آهي، شهرين کي وڌيڪ هڪ اسپورٽس تفريح جو ماحول ميسر ايندو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پا??ستان جي 75 هين يوم آزادي جي مناسبت سان پا?? برطانيه گڏيل پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومت جي قدمن کان برطانوي هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته برطانيه جي اعليٰ يونيورسٽين وانگر ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهڻ جي لاءِ برطانوي مدد گهربل آهي، ??فاقي وزير ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??قافتي رابطن کي فروغ ڏيڻ لاءِ فلم جي تياري ۽ لاڳاپيل شعب?? ۾ ??عاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.