اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي احتساب پاليسي واضح آهي، سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهن، چاهي اپوزيشن اڳواڻ هجي يا ڪابينا جو ميمبر، الزام لڳندا ته جاچ ٿيندي ۽ جوابدهي جو اصول لا??و ٿيندو، اها ئي نظام جي تبديلي آهي جنهن جو و??عدو هو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن الزام لڳن ته جاچ ٿيندي آهي، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي دور ۾ ميڊيا جا گلا ويهي ويندا هئا پر مجال آهي جو جُون به چري، اها ئي نظام ۾ تبديلي آهي حڪومتي اهلڪارن کي احتساب جو خوف ٿيڻ گ??رج??، طاقتور ت??ين ماڻهن به قانون کان مٿانهان نه آهن.