اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو ته راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ سا?? ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌنديون، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ شهرين کي عالمي معيار جون رهائشي سهولتون ميسر اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي راوي سٽي تحت سيفائر- بي منصوبي تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2000 هزار ايڪڙ تي ٻڌل ان منصوبي مان حڪومت کي وصول ٿيندڙ روينيو ۽ آمدني جو ڪاٿو 25 ارب روپيا لڳايو ويو آهي، ان کانسواءِ منصوبو مجموعي طور تي 150 ارب روپين جي معاشي سرگرمين کي جنم ڏيندو. راوي سٽي جا وڌيڪ 2 ذيلي منصوبا جن ۾ زون 457 ۽ ايل پي – جزيرو شامل آهن، جلد سيڙپڪاري لاءِ ميسر هوندا. جنهن سا?? حڪومت کي ملندڙ روينيو ۽ آمدني جو ڪاٿو مجموعي طور تي 130 ارب روپيا لڳايو ويو آهي ۽ اهو گڏجي 750 کان 900 ارب روپين جي معاشي سرگرمين جو حصو بڻجندو اهڙي طرح سا?? راوي سٽي تي 15 هزار ايڪڙ تي شروع ٿيندڙ ڪم جي نتيجي ۾ هلندڙ سا?? ڊسمبر تائين مجموعي طور تي هزار ارب روپين جون معاشي سرگرميون ٿينديون جيڪي ملڪ ۾ روزگار جا بي شمار موقعا فراهم ڪنديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازو ئي ملڪ جي سڀني وڏين يونيورسٽين کان ان جي راوي سٽي ۾ ڪيمپس کولڻ جي سلسلي ۾ رابطا ڪيا ويا جنهن جا مثبت جواب اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ان کانسواءِ سوئيس ڪمپني ليونگ – اسٽون گرين – ٽيڪ سا?? مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جيڪي زون ٿري ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي سا?? عالمي معيار جا فارم ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا. اهي قدم وڌندڙ ملڪي غذائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي کنيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي منصوبي ۾ نوجوانن جي شرڪت کي يقيني ب??ائ?? لاءِ ينگ ليڊرشپ پروگرام جاري ڪيو ويو جنهن سا?? هن وقت تائين 25 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن، هلندڙ سا?? جون کان نوجوانن جي پهرين کيپ باقاعده ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيندي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي حوالي سا?? وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ان جي پهرين سب – فيز ۾ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مقامي ۽ ٻاهريان سيڙپڪار گهري ??لچ??پي جو اظهار ڪري رهيا آهن، ان کانسواءِ ريلوي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اٿارٽي گڏجي ريلوي جي زمين تي تعميراتي منصوبي کي جاري ڪندو، جنهن سا?? ريلوي جي غير استعمال ٿيل زمين کي استعمال ۾ آندو ويندو.