اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عملي قدمن سان وزيراعظم عمران خان گلوبل ليڊر جي طور تي سامهون آيو آهي، هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو چ??لي??ج پورو ڪرڻ کانپوءِ هاڻي 10 ارب وڻ لڳائڻ جو چ??لي??ج به پورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هن سال عالمي ماحولياتي ڏينهن جي ميزباني به پاڪستان ڪري رهيو آهي، هن چيو ته گرين ڊپلوميسي دنيا سان لاڳاپن جا نوان رستا ٺاهي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪلين انرجي ۽ ڊيمز ٺاهڻ جي لاءِ پهرين 500 ملين ڊالرز گرين يورو بانڊ فن??نس??گ به ??نظ??ر ٿي چڪي آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم، بون چ??لي??ج سميت عالمي ماحولياتي فورمز پاڪستان جي پذيرائي ڪري رهيا آهن.