اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه جمهوريت جو ورد پيپلزپارٽي کان 24 ڪلاڪ ٻڌي ??ٺو پر جمهوري اصولن جي گهٽ کان گهٽ پاسداري به جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ نه آهي ته اها سنڌ آهي جتي زرداري خاندان جي آمريت لاڳو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تي قبضي کانپوءِ هاڻي مخا??ف ڌر اڳواڻ کي بجيٽ تقرير ڪرڻ کان به روڪيو ويو، اهو زرداري جي جمهوريت جو نئون رنگ آهي.