اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ ۽ ان جي غير قانوني واپارر کي روڪڻ لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ??ن حوال?? سان حڪوم?? پاڪستان جون ترجيحون واضح آهن، ??سان منشيات جي ضبطي ۽ سرحدن جي نگراني جي موثر نظام جي ذريعي منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهيون، منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته منشيات جي خاتمي وارو عالمي ڏينهن هر سال 26 جون تي عالمي اڳواڻن، ??المي برادري، عالمي اتحاد ۽ انجمن سميت سڀني لاءِ هڪ يادگيري جي ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته اسان گڏيل ڪوششن سان منشيات جي غير قانوني واپار کي روڪڻ لاءِ پنهنجون گڏيل ذميداريون ادا ڪريون. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان منشيات جي اسمگلنگ جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ڇو ته ان سان عوام جي صحت کي سخت خطرا درپيش آهن، منشيات جي استعمال ۽ ان جي غير قانوني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ موثر قدم حڪوم?? پاڪستان جي اولين ترجيح آهن.