اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ ا??ورسيز پ??ڪس??انين کي گهر، زمين جي خريداري ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون، روشن پنهنجو گهر اسڪيم تحت اهي مشڪلاتون آساني ۾ بدلجي وينديون، وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين جي لاءِ روشن پنهنجو گهر اسڪيم شروع ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پ??ڪس??اني ڊيجيٽل پراسيس ذريعي پ??ڪس??ان ۾ هائوسنگ ۾ سيڙپڪاري ۽ آسان فنانسنگ حاصل ڪري سگهندا، اسٽيٽ بئنڪ نئون پ??ڪس??ان هائوسنگ اٿارٽي سميت سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ اها اسڪيم تيار ڪئي آهي. هن چيو ته روشن پنهنجو گهر اسڪيم ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ رکندڙ ا??ورسيز پ??ڪس??اني سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، روشن پنهنجو گهر اسڪيم ۾ گهر خريد ڪندڙ ڪنهن به وقت پنهنجو گهر وڪرو به ڪري سگهندا، روشن پنهنجو گهر اسڪيم جي لاءِ اڳ کان منظور ٿيل منصوبن جي فهرست جوڙي وئي آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ منصوبن ۾ اضافو ٿيندو رهندو.