اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ تحقيق جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پنهنجي ايندڙ نسلن کي سيرت النبي ﷺ، اولياءُ ڪرام جي تعليمات ک??ن آگاهه ڪرڻ ۽ ڪردار سازي لاءِ القادر يونيورسٽي ۽ رحمت اللعالمين اٿارٽي تحقيق جا اهم مرڪز هوندا، القادر يونيورسٽي مسلمان امت کي درپيش فڪري مسئلن کي سلجهائڻ جي حوالي ??ان عالمي اسڪالرز جي تعاون ??ان تحقيق ۽ مباحثي جو محور بڻجندي، قرآني حڪمن جي باوجود معاشري ۾ اجتهاد کان دوري بدقسمتي آهي، عظيم قوم بڻجڻ لاءِ عظيم ڪردار گهرجي، اخلاقي قدر رکندڙ معاشري کي ايٽم بم به تباهه نٿو ڪري سگهي، خود غرض، بزدل ۽ بدعنوان شخص ڪڏهن اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي. القادر يونيورسٽي جهلم جي اڪيڊمڪ بلاڪس جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ??اريخ جو شاگرد آهيان، مون تاريخ جو گهرائي ??ان مطالعو ڪيو، پاڪستان پنهنجي قيام کانپوءِ تيزي ??ان ترقي ڪري رهيو هو، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ دنيا ۾ پاڪستان جي هڪ حيثيت هئي ۽ پاڪستانين جي دنيا ۾ وڏي عزت هئي. ان وقت اهي اڳڪٿيون ڪيون پئي ويون ته پاڪستان ايشيا جو ڪيليفورنيا بڻجڻ وڃي رهيو آهي، پوءِ ا??ان هتي زوال ايندي ڏٺو. هن چيو ته ??ئون پنهنجي عقيدي جي بيناد تي سياست ۾ آيس ڇو ته ??ياست ۾ اچڻ کان پهرين دولت، شهرت سميت سڀ ڪجهه ڏسي ۽ حاصل ڪري چڪو هئس، هن چيو ته ڪنهن ان??ان تي الله جي سڀ کان وڏي نعمت ايم??ن آهي، ايمان وارو ماڻهو دولت، شهرت، انا، ذات، برداري جي زنجيرن جي خوف ک??ن آزاد ٿي ويندو آهي جڏهن ان??ان انهن زنجيرن ک??ن آزاد ٿي وڃي ته ??ن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ کان ڪير روڪي نٿو سگهي، ان??ان کي الله اشرف المخلوقات بڻايو، ان کي اهي صلاحيتون ڏنيون جيڪي ڪنهن ٻي مخلوق ۾ نه آهن، هن چيو ته مون مديني جي رياست جو مطالعو ڪيو، آخر ڪهڙو سبب هو ته 2 سپر پاورز جي مجودگي ۾ ظاهر ۾ گهٽ پڙهيل لکيل ماڻهن دنيا جي امامت شروع ڪري ڇڏي، هن چيو ته پاڪستان اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو، مون پنهنجي مطالعي مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ??يستائين ا??ان سيرت النبي ﷺ تي نه هلنداسين علامه اقبال جي خواب جي تڪميل نه ڪري سگهنداسين، ان جي سوچ ڪنهن جي ذهني غلامي ۽ نو آبادياتي نظام ک??ن آزادي هئي ڇو ته ??هني غلامي جسماني غلامي کان وڌيڪ خوفناڪ هوندي آهي، اولهه تهذيب ۽ اسلام جي ڀيٽ تي علامه اقبال شڪوه جواب شڪوه لکيو، وزيراعظم چيو ته ????ان جو تعليمي نظام ترقي جي رستي تي وڏي رڪاوٽ آهي، هڪ طرف انگريزي نصاب تعليم ٻي طرف اردو ۽ پوءِ ديني مدرسا انهن ٽنهي متوازي نظام تعليمي ??ان ٽي مختلف طبقا نڪرڻ شروع ٿيا جنهن جو هڪ ٻئي ??ان ڪو به واسطو نه آهي، ان لاءِ ا??ان سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وزيراعظم چيو ته ??ڀ کان وڌيڪ پاڪستاني ماڻهو الله جي نالي تي خيرات ڪندا آهن، نماز، روزه، حج ۽ عمري جا پابند آهن، اسلام جي خلاف جڏهن به ڪو معاملو ٿئي ته ??ڀني کان پهرين پاڪستاني نڪرندا آهن، ا??ان هڪ طرف سچا عاشق رسول ﷺ ۽ ا??ان جو دين تي سڀني کان وڌيڪ زور آهي پر بدقسمتي آهي ته ????ان جي زندگي ان جو عملي نمونه نه آهي، هڪ واقعه جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي هڪ وڏي اسڪالر اشفاق احمد جي چين جي عظيم اڳواڻ مائوزي تنگ ??ان ملاقات ٿي ته چيني اڳواڻ پاڪستان کي عظيم قوم قرار ڏنو. ان جو چوڻ هو ته ??يڪا قوم شديد گرمي ۾ الله جي خوف جي ڪري روزه جي حالت ۾ پاڻي نٿي پئي اها الله جي خوف کان رشوت کان به بچي سگهي ٿي، هو پورو ٽيڪس به ڏئي سگهن ٿا، اهڙي ملڪ کي ڪير ترقي کان نٿو روڪي سگهي، وزيراعظم چيو ته ??هي ئي مديني جي رياست جا اصول هئا. اتي خود احتسابي هئي، مسلمانن جي ڪردار جي ڪري غير مسلمان اسلام قبول ڪندا هئا، هن چيو ته ????ان کي عظيم قوم بڻجڻ لاءِ عظيم ڪردار اختيار ڪرڻ گهرجي. نبي ڪريم ﷺ جي نبوت کان اڳ سڃاڻپ صادق ۽ امين جي هئي، هن چيو ته ??چ ۽ انصاف جي بنياد تي ڪردار بڻجندو آهي، انهن صفتن کانسواءِ ڪو به اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي، وزيراعظم يچو ته نبي ﷺ جي سيرت جي مطالعي لاءِ ادارو بڻائڻ جي سوچ پيش نظر هئي، ا??ان عاشقان رسول ﷺ آيون ۽ ان جي سيرت تي عمل ڪندڙ قوم بڻجي سگهون ٿا، پاڪستان جي قيام ۾ جن اوليا ڪرام جو ڪردار هو اهي سچا عاشق رسول ﷺ هئا. هن عام انسانن کي زبان جي سيرت نبوي ﷺ جو پيغام ماڻهن تائين پهچايو، وزيراعظم چيوته ????ان ان مقصد لاءِ رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي بڻائي آهي، ان جي لاءِ ميڊيا کي استعمال ۾ آڻينداسين، ماڻهن کي سيرت النبي ﷺ ک??ن آ??ان زبان ۾ آگاهي ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست ۾ جيتري گهٽ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ هڪ عظيم ان??ان سامهون آيو دنيا جي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي، ان تي به ان يونيورسٽي ۾ تحقيق ڪنداسين ڇو ته يونيورسٽي جو بنيادي ڪم تحقيق هوندو آهي، اسلام جي تاريخ ۾ سمورا سائنس دان ۽ دانشور گڏجي هلي رهيا هئا، اسلام ۽ سائن?? ۾ ??و به تضاد نه آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ تحقيق جي ضرورت آهي، پنهنجي ايندڙ نسلن کي اولهه تهذيب ک??ن آگاهه ڪرڻ جي لاءِ تحقيق ضروري آهي ته ??يئن کين ٻڌايو وڃي ته ??ولهه ۾ جيڪڏهن ٽيڪنالوجيڪل ترقي نظر اچي رهي آهي ته ٻي طرف انهن جون عبادتگاهون خالي ٿي رهيون آهن، صرف مادي ترقي ??ان معاشري ۾ عدم توازن پيدا ٿي رهيو آهي، ان حوالي ??ان ا??ان جو نوجوان نسل ابهام جو شڪار آهي، ان ترقي کي ڏسي هو سمجهن ٿا ته ????ان پوئتي رهجي ويا آهن، اولهه ۾ ٿيندڙ ان تقريب جي اثرن جي حوالي ??ان تحقيق ڪرڻ يونيورسٽين جو ڪم آهي، هن چيو ته ??نيا ۾ هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج موبائيل فون آهي، ان جا مثبت اثرن کان گڏوگڏ ڪهڙا منفي اثرن آهن ۽ انهن کي ڪيئن بچڻو آهي؟ ا??ان سوشل ميڊيا کي بند نٿا ڪري سگهون پر پنهنجي ٻارن کي سٺي ۽ خراب جي تميز سيکاري سگهون ٿا ۽ انهن ۾ شعور پيدا ڪري سگهون ٿا، القادر يونيورسٽي عالمي اسڪالرز جي تعاون ??ان تحقيق، مباحثي جو مرڪز بڻجندي، ا??ان جي بدقسمتي آهي ته ????ان پنهنجي معاشري ۾ اجتهاد نٿا ٿيڻ ڏيون جيتُوڻيڪ اجتهاد قرآن جو حڪم آهي، ا??ان جي بدقسمتي آهي ته موقف ??ان اختلاف راءِ رکڻ واري کي ڪافر قرارد ڏئي ڇڏيندا آهيون، جڏهن اهڙي سوچ هجي ته ????ان اڳتي ڪيئن وڌي سگهون ٿا، ڪفر جي فتوائن جو خوف نه هجڻ جي ڪري ا??ان جي مقابلي ۾ اولهه ۾ اسلام تي وڌيڪ تحقيق ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان صلاحيتن کان مالا مال ملڪ آهي، هتي سڀ ڪجهه آهي صرف با ڪردار قيادت جي کوٽ رهي آهي، عوام جي خدمت پيغمبراڻو ڪم آهي، هو انسانيت جي خدمت جي آيو، ٻي طرف جڏهن ڪو اڳواڻ بڻجي قوم جو پئسو چوري ڪري ملڪ جي لاءِ ان کان وڌيڪ وڏو عذاب ڪو ٻيو نٿوٿي سگهي، نبي ﷺ ليڊرشپ جو تصور ڏنو هو ان تي هي يونيورسٽي ۽ رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي تحقيق ڪندي. وزيراعظم چيو ته ??ودغرض ماڻهو ڪڏهن اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي، پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪري سوچي اهو قائداعظم جي شڪل ۾ اڳواڻ بڻجندو آهي. خود غرض ??ان گڏوگڏ بزدل ان??ان به ڪڏهن اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي، الله تعاليٰ ملڪ جي بدقسمتي آهي هتي ليڊرشپ جو معيار اهو هو ته ڪيترو پئسو ڪمايو ۽ پنهنجي ڪيترن رشتيدارن کي مٿي کڻي آيو تنهن هوندي به مديني جي رياست ۾ ميرٽ هو، وزيراعظم چيو ته ??ن يونيورسٽي ۾ دنيا جي دانشورن ??ان گڏجي تحقيق جا موقعا هوندا، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ نبي ﷺ جي شان ۾ گستاخي ٿيندي آهي ته مسلمان سربراهن ۽ اسلامي اسڪالرز گڏجي اهڙو مدلل جواب ڏين ته ڪو ملڪ اهو نه چئي سگهي ته مسلمان اظهار راءِ جي خلاف آهن، هتي وڏن وڏن دين جي بزرگن تي به ريسرچ ٿيندي. انهن جي ڪلام تي تحقيق ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ??تي اخلاقيات تباهه ٿيندي اتي ڀلي سون، هيرا ۽ جواهر به نڪرن پوءِ به اها رياست نٿي بچي سگهي، مديني جي رياست جو تصور امر بالمعروف و نهي عن المنڪر هو. وزيراعظم معاشري ۾ بدعنواني جي تباهڪارين تي روشني وجهندي چيو ته ??دعنواني ??ان معاشرو تباهه ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ا??ان پاڪستان کي ڏسون ته 1985ع کانپوءِ هن ملڪ ۾ سڀ کان وڏي تباهي بدعنواني جي صورت ۾ آئي، اهڙو معاشرو جنهن ۾ محنت ڪندڙ اهو ڏسي ته قبضا گروپ وڏا وڏا پلازا به تيار ڪري وٺندو آهي ۽ اهو اسيمبلين تائين به پهچي ويندو آهي ته ??هڙي معاشري ۾ اخلاقيات پروان نٿي چڙهي سگهي، ا??ان جي بدقسمتي آهي ته ??پريم ڪورٽ مان سزا يافته ??خص ڪوڙ ڳالهائي ملڪ مان ڀڄي ويو آهي، هن اخلاقي قدرن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ??خلاق قدر رکندڙ معاشري کي ايٽم بم به تباهه نٿو ڪري سگهي، ا??ان کي ايندڙ نسلن جي سيرت النبي ﷺ موجب ڪردار سازي ڪرڻ آهي.