اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ جي لاءِ سازگار ماحول ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ حڪومت احساس اسڪالرشپ ۽ ڪامياب جوان جهڙن م??صو??ن جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن نوجوان بهترين تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين. هو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي اهتمام هيٺ فيصل مسجد ڪئمپس ۾ هفتيوار ڪاروباري مهم جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان 7 ڏينهن واري ايونٽ ۾ ورڪشاپس، انڊسٽري ۽ شاگردن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جي ويهڪن سميت تخليقي اشتهارن جي مقابلن ۽ ڪاروباري م??صو??ن جي مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو هو. تقريب کي خطاب ڪندي م??لڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب رکيا ويا آهن جڏهن ته ان ڏس ۾ 25 هزار قرض ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ڪاروبار شروع ??رڻ جي لاءِ نوجوانن کي 10 لک کان اڍائي ڪروڙ جا قرض ڏنا پيا وڃن ته جيئن بهترين ڪاروباري عورتون ۽ مرد پيدا ڪري سگهجن. هن ٻڌايو ته ا??پيشل ٽيڪنالاجي ۽ اڪنامڪ زونز سميت احساس اسڪالرشپس جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن اعليٰ تعليم جي سهولت کان ڪير به محروم نه رهي. هن چيو ته ا??لامي يونيورسٽي ۾ شاگردن جو جذبو، خيال ۽ پراجيڪٽس ڏسي دلي خ??شي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي شڪست جي خوف کي ذهن مان ڪڍي ڇڏين ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪن ته اهو ڏينهن پري نه آهي ته هن ملڪ کي ترقي جي منزل تائين پهچائي سگهجي.