لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ صوفي ازم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ ابوالحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر جو افتتاح ڪيو ۽ 14 ڪروڙ روپي?? جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ سينٽر جي عمارت جو پيڙهه جو پٿر رکيو جتي صوفي ازم جي روشني ۾ عملي زندگي کي بهتر طريقي سان گذارڻ تي تحقيق ڪئي ويندي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار، پنجاب حڪومت جو ترجمان حسان خاور، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پر??في?? ڊاڪٽر اصغر زيدي به م??جود هئا. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ص??في?? اوليا اڪرام ۽ عاشقان رسول ﷺ جي تعليمات اسا?? جي لاءِ مشعل راهه آهن، نو??وانن کي بهتر زندگي گذارڻ لاءِ انه?? جي نقش قدم تي هلڻو پوندو، ابوالحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر نو??وان?? جي زندگين ۾ انقلاب آڻيندو. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پر??في??ر ڊاڪٽر اصغر زيدي وزيراعظم کي ريسرچ سينٽر بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته 14 ڪروڙ جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ سينٽر ۾ صوفي ازم جي روشني ۾ عملي زندگي کي بهتر طريقي سان گذارڻ تي تحقيق ڪئي ويندي. اداري جي مقصدن ۾ معاشري جي اصلاح، گڏيل برداشت، احترام، صوفي ازم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تحقيق کي وڌائڻ، مقامي ۽ عالمي محققين کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ان شعبي ۾ تحقيق لاءِ تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ آهي. ان کانسواءِ سينٽر موجوده شعبن جهڙوڪ تاريخ، اسلامي تعليمات، پوليٽيڪل سائنس، ادب وغيره ۾ صوفي ازم جي حوالي سان تحقيق ۽ تدريس کي به فروغ ڏيندو. سينٽر ۾ صوفي ازم تي بي ايس ۽ ا??م فل جي سطح جي ڪورس?? جي تعليم ڏني پئي وڃي. ان کانسواءِ سينٽر پوسٽ ڊاڪٽرل ۽ ريسرچ فيلوشپ به ڏيندو وڌيڪ اهو ته سينٽر پي ايڇ ڊي لاءِ وظيفا به فراهم ڪندو جنه?? جي ڪري صوفي ازم جي شعبي تي تحقيق ٿيندي.