اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي پ????ست???? جي دوري جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خوبصورت ملڪ پا??ست??ن ۾ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ميمبر?? جي آجيان ڪريون ٿا، پنهنجي دوري دوران توهان اسا?? جي لاهور ۽ ڪراچي جي ديسي کاڌن مان لطف اندوز ٿي سگهو ٿا، واضح رهي ته ڪرڪيٽ آسٽريليا آسٽريلين مينز ٽيم جي پ????ست???? جي دوري جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي دوري دوران ٽي ٽيسٽ ميچ، ٽي هڪ ڏينهن واري ميچ ۽ هڪ ٽي 20 انٽرنيشنل ميڇ کيڏندي.