اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، حڪومت عا??مي سياحت ۽ ونٽر راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ??لاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل ٽن سالن ?? مقامي سياحت کي فروغ مليو آهي. حڪومت گلگت بلتستان ۾ سياحن کي عا??مي معيار جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين ۽ سياحت بابت خاص مددگار اعظم جميل به ??وجود هئا. ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ منصوبن ۽ گلگت بلتستان ويزن 2050ع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.