اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ف??خ حبيب چيو آهي ته هيستائين جون سموريون حڪومتون هڪ طرف پر وزيراعظم عمران خان جي ساڍي ٽن سالن جو اقتدار جي دور ۾ بيشمار سفارتي ڪاميابيون مليون آهن. مملڪتي وزير ف??خ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پهريون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم پرچين جي سياست کان مٿانهون ٿي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪرڻ جي جرئت رکي ٿو، دنيا عمران خان کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسي ٿي، ٽن مهينن ۾ او آءِ سي جو ٻيو اجلاس منع??د ٿيو، عالمي سطح تي موثر آواز بلند ڪرڻ تي گڏيل قومن جو 15 مارچ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو، عمران خان افغانستان تي عالمي ڌيان ڇڪرايو، ڪشمير مسئلي کي دلير وڪيل بڻجي اجاگر ڪيو، اهو سڀ ڪجهه وزيراعظم عمران خان ئي ڪري سگهي ٿو.