اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي وفاقي ڪابينا پاران قومي اسيمبلي ڏانهن موڪليل سفارتي خط سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلندي چيو آهي ته سفارتي خط پاڪست??ن جي خلاف ٻاهرين سازش آهي، گذريل ڏينهن پنهنجي رولنگ ۾ مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت ۾ ٿيو، آغاز ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب پاڪست??ن جي وزيراعظم عمران خ??ن جي خلاف ووٽنگ ٿي چڪي آهي، منهنجي رولنگ تي ڪافي بح?? ٿي چڪو آهي، مون جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هڪ محب وطن پاڪست??ن جي حيثيت ۽ قومي اسيمبلي جي محافظ طور ڪيو، قومي سلامتي ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خط کي بح?? هيٺ آندو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هي خط پاڪست??ن جي خلاف سازش آهي، هن چيو ته اهو خط اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي ڏنو ويو هو هاڻي اهو خط منهنجي هٿ ۾ آهي، ان ۾ صاف لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن ب?? اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو، هن چيو ته ??وُ?? قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خواب موجب خودمختيار پاڪست??ن جي ڳالهه ڪري ڏوهه ناهي ڪيو، مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي، هن اڳوڻي ڪابينا پاران اڳوڻي سفير کي موڪليل خط سيل بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو.