ڪوئيٽا – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قبائلي اڳواڻ مير منظور احمد پلال چيو آهي ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير کان آزادي جو ??ق کسي انهن جو ??ستحصال ڪيو ويو، 5 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن ۾ ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني عمل جي ڀرپ??ر مذمت ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندو آيو آهي، ٽي سال اڳ به ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪندي ڪشميرين جي آزادي کي لتاڙيندي انهن کي انهن جي آئيني ۽ قانوني حق کان محروم ڪيو، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو ??ور شروع ڪيو اسان ان جي ڀرپ??ر مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان بطور پاڪستاني ڪشميرين جو هر فورم تي ساٿ ڏينداسين ۽ ڪشمير جي آزادي جو ??واز اٿاريندا رهنداسين. هن ان عزم جو ??ظهار ڪندي چيو ته انشاءَ الله هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو ??ور ختم ٿيندو.