اسلام آباد ??? 10 – آگسٽ (اي پي پي) جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ ج??ن تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ اسٽالز لڳي ويا جت?? قومي جه??ڊن، بيجز ۽ اسٽيڪرز جو وڪرو جاري آهي، ننڍن ٻارن جي لاءِ جشن آزادي جي مناسبت سان لباس ۽ شرٽس جي انهن اسٽالز تان خريداري جاري آهي، هر طرف سبز هلالي جه??ڊن جي بهار اچي چڪي آهي، دڪانن، گهرن ۽ گاڏين ت?? قومي جه??ڊا لهرايا پيا وڃن جڏهن ته نوجوانن پنهنجي پنهنجي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن کي پڻ قومي جه??ڊن سان سينگاري ڇڏيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن اي پي پي جي سروي موجب شهر جي مختلف علائقن، گهٽين، پاڙن، رستن، عمارتن ۽ ٻين جاين کي انتهائي خوبصورتي سان سجايو پيو وڃي. خاص طور تي ٻارن ۾ جشن آزادي ملهائڻ ج?? تيارين جي حوالي سان جوش ۽ جذبو ڏسڻ ج??ڙو آهي. شهر جي سمورن علائقن ۾ جشن آزادي جي حوالي سان پاڪستاني جه??ڊن، جه??ڊين، بيجز ۽ ٻين سجاوٽ وارين شين جي وڪري جي لاءِ سوين عارضي اسٽالز لڳايا ويا آهن، جتان شهري جشن آزادي ملهائڻ ج?? لاءِ مختلف سجاوٽ جون شيون خريد ڪري سگهن ٿا. ٻار، وڏا بزرگ ان اهم ڏينهن ملهائڻ ج?? لاءِ هر طرح جي تيارين ۾ مصروف اچن ٿا.