اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب وز??راعظم شهباز شريف سان گڏ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر طلحيٰ منان جي گهر وئي ۽ ان جي ??يصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي گهرڀاتين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد اسان جي قوم جو فخر آهن، اهي حق جي ??اهه جا شهيد آهن، انهن جون قر??انيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پوري قوم شهيد طلحيٰ منان جهڙن جوانن کي جنم ڏيندڙ مائرن ۽ عزم ۽ استقامت جي پيڪر والدين تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪ فوج جو هر آفيسر ۽ جوان ملڪ جي ??دمت سان سدائين سرشار رهيو آهي. شهيد طلحيٰ منان جي ملڪ ?? قوم جي لاءِ قر??اني کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر شهيد طلحيٰ منان جي والده سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد طلحيٰ منان کي ان جي ??ظيم قر??اني تي خراج عقيدت پيش ڪيو.