اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري س??ن گڏ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دو??و ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ????ن گڏ سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دو??و ڪيو. ترڪمانستان، بحرين، سعودي عرب، آذربائيجان، جرمني ۽ اسپين جا سفارتڪار ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري س??ن گڏ هئا. پرڏيهي وزير ????ن گڏ آمريڪا، چين، فرانس، جاپان، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، قطر ۽ ت??ڪي?? کانسواءِ گڏيل قومن سميت ٻين عالمي ادارن جي نمائندن ??ڻ ٻوڏ کان متاثر علائقن جوفضائي جائزو ورتو. وفاقي وزير ??يد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير ??کر ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ سفارتڪارن جو استقبال ڪيو. سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي سکر ايئرپورٽ تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان اين ڊي ايم اي پاران بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو.