اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهبا?? شريف ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر علائقن ۾ سمورن رست?? جي بحالي، يوٽيلٽيز جي فراهمي ۽ ريليف جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهبا?? شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ سپلائر جي بحالي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم کي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ مواصلات، روڊ نيٽ ورڪ، بجلي، پيٽروليم ۽ ٽيلي ڪميونيڪش?? جي نظام جي بحالي جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم متاثر علائقن ۾ سمورن رست?? جي بحالي، يوٽيلٽيز جي فراهمي ۽ ريليف جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي.