ڪراچي – 12 سيٽپمبر(اي پي پي) پاڪ فضائيه خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي عمل لاءِ ??ر ممڪن سهڪار فراهم ڪري ره??و آهي. پاڪ فضائيه طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪ فضائيه جا هوائي ٻيڙه ۽ هيليڪاپٽرن ٻوڏ متاثرين کي محفوظ انخلا سميت کادي پيتي جي سامان ۽ طبي سامان جي ايئر ڊراپ ذريعي ترسيل ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ره??ا آهن. پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون ٻوڏ متاثرن جي مشڪلات کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ??لڊ ريليف ڪيمپن ۾ مسلسل طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دور??ن پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورت مند خاندانن ۾ 22 هزار 785 پچيل کادي جا پيڪٽ، 250 پاڻي جون بوتلون ۽ 1380 بنيادي غذائي جنسن تي ٻڌل خشڪ راشن جا پيڪٽ ورهايا. مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي جي علاوه پاڪ فضائيه جي فلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ميڊيڪل ٽيمن 1389 مريضن جو طبي معائنو ??ه ڪيو آهي.